روشن جي

روشن جي

روشن جي

روشن جي (موسيقار): نامياري موسيقار ۽ ڪي بورڊ پليئر روشن جيءَ جو اصل نالو روشن علي ولد ببر علي خان آهي، سندس جنم 1973ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿيو. موسيقيءَ جو علم کيس خاندان کان ورثي ۾ مليو، سندس تعلق سنڌ جي اهم موسيقار ’ماڙيچا گھراڻي‘ سان آهي. ناميارو راڳي ۽ موسيقار استاد مرحوم فيروز گل سندس چاچو ۽ مرحوم استاد رحيم بخش خان عرف رائو خان سندس ڏاڏو هو. روشن جي اڃا ننڍو هو، جو سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ پنهنجي چاچي استاد فيروز گل جي نگرانيءَ ۾ 1988ع ڌاري موسيقيءَ جي ميدان ۾ پير پاتائين ۽ هارمونيم جي تربيت وٺڻ شروع ڪيائين. ڪجهه عرصو هارمونيم جي سکيا وٺڻ کان پوءِ ملڪ جي مشهور ڪي بورڊ پليئر استاد اظهر حسين کان ڪي بورڊ جي سکيا ورتائين.
روشن علي سڀ کان اڳ 1988ع ۾ پاڪ-آمريڪن ڪلچرل سينٽر حيدرآباد ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس پروڊيوسر نصير مرزا متعارف ڪرايو. روشن علي ملڪ جي ناميارن فنڪارن: استاد حامد علي خان، عابده پروين، بلقيس خانم، مهناز، اختر چنال، استاد شرافت علي خان، ذاڪر حسين، نصيبو لال ۽ ٻين سان سنگت ڪري چڪو آهي.
روشن جي سوين گيتن جي ڪمپوزيشن پڻ ڏئي چڪو آهي. استاد امير علي، استاد شفيع فقير، صادق فقير، تاج مستاني، شمن علي ميرالي، ممتاز لاشاري، اسلم اقبال، راشد جان، ديبا ڪنول، ثمينه ڪنول، سونيا ڪنول، نرما ڪنول، مارئي سنڌو، جوڳي جلال، مختيار علي شيدي، فرزانه پروين، تنوير وارثي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن جا ڳايل گيت ڪمپور ڪيا اٿس. سنڌ جو هي پهريون موسيقار آهي، جنهن کي اقوام متحده جي اداري يونيسڪو اوارڊ سان نوازيو آهي. اهو اوارڊ ازبڪستان ۾ 1997ع ۾ ٿيل انٽرنيشنل ميوزڪ فيسٽيول جي موقعي تي کيس مليو. ان کان سواءِ ٻه ڀيرا 2007ع ۽ 2010ع ۾ لعل شهباز قلندر اوارڊ، 2002ع ۾ ايف.ايم 101 اوارڊ، 1997ع ۾ پي. بي. سي اوارڊ، 2010ع ۽ 2012ع ۾ سچل يادگار شيلڊ ۽ تازو 2012ع ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران گولڊ ميڊل پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. اڄڪلهه حيدرآباد جي مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو سرگرم ميمبر آهي. هي 27 شاگردن کي هارمونيم سيکاري چڪو آهي. روشن جي پاڪستان کان سواءِ آمريڪا، جرمني، فرانس، ڪئناڊا، انگلنڊ، روس، اردن، ازبڪستان، دبئي، ابوظهبي، سريلنڪا، نيپال ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. اڄڪلهه شاهه سائينءَ جي سرن تي تحقيق ڪري، انهن جي ڪمپوزيشن جو ڪم ڪري رهيو آهي. نوٽ : روشن جي 11 ڊسمبر 2013ع تي وفات ڪئي.


لفظ روشن جيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو